ڪٺ پتلي حڪومت کي گهر موڪلينداسين: بلاول ڀٽو زرداري

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري  چيو آهي ته مخالف ڌر جي آزادي مارچ جو مقصد نيب کي بند ڪرائڻ آهي، سمورن مسئلن جو سبب  عمران خان آهي ۽ ان جو حل استعيفا آهي

اسلام آباد ۾ احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نيب ۽ ملڪي معيشت گڏ هلي نه ٿا سگهن، اڄ نيب کليل آهي، اسان کي نيب کي بند ڪرڻو آهي

هن چيو ته نيب آمريت جي دور جو ادارو آهي، جيڪو سياسي مخالفن خلاف استعمال ٿي رهيو آهي

بلاول چيو ته وزير اعظم عمران خان بزدل آهي، حڪومت جي پريشاني عوام جي سامهون آهي،هن کي همٿ کان ڪم وٺڻ گهرجي

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته حڪومت آصف زرداري کي طبي سهولتن کان محروم رکي پ پ قيادت کي دٻاءَ ۾ آڻڻ گهري ٿي

هن چيو ته ٿرپارڪر جي عوام کي پيغام ڏينداسين ته هو ڪٺ پتلي حڪومت کي گهر موڪلڻ گهرن ٿا

بلاول چيو ته اسان ظالم ۽ ڪٺ پتلي حڪومت جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهيون،اسان هميشه کان غير جمهوري قوتن سان مقابلا ڪندا رهيا آهيون.

پ پ چيئرمين چيو ته خان صاحب کي پنهنجي ڳالهه تي قائم رهڻ گهرجي ته هو احتجاج لاءِ سهڪار ڪندو،حڪومت پاران اسلام آباد جو لاڪ ڊائون ڪرڻ افسوسناڪ آهي.

هن چيو ته رهبر ڪميٽي جي اجلاس ۾ طئي  ٿيو  هو ته جمهوري احتجاج اسان سڀني جو حق آهي،پهرين ڏينهن کان چيو آهي ته پ پ مولانا جي احتجاج جي حمايت ڪري رهي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*