عمران نيازي پنهنجي صلاحڪارن کي نوازشريف خلاف بيان بازي کان روڪي: شهبازشريف

ن ليگ جي صدر  ميان شهباز شريف چيو آهي ته تلوار جو زخم ته ڀرجي ويندو آهي، پر زبان جو زخم ڪڏهن به ڀرجي نه سگهندو آهي، عمران نيازي پنهنجن وزيرن ۽ صلاحڪارن کي ميان نوازشريف خلاف غليظ زبان استعمال ڪرڻ کان روڪي.

جاري ڪيل بيان ۾ شهباز شريف چيو ته پارٽي قائد نوازشريف جي صحت جي بهتري اسان جي پهرين اوليت آهي

هن چيو ته سياسي مخالفت رهندي آهي،پر ڪنهن جي زندهه رهڻ واري حق کان انڪار ڪري نٿو سگهجي

شهباز شريف چيو ته نوازشريف جون ميڊيڪل رپورٽس پرڏيهي موڪلي ڇڏيون آهن

هن چيو ته سياسي مخالفن جي بيمارين ۽ ڏک تي مزاق ڪرڻ وارا اهو نه وسارين ته وقت تبديل ٿيڻ ۾ وقت نه لڳندو آهي

ن ليگ جي صدر جو چوڻ هو ته نواز شريف جي صحت جي حوالي سان قوم سميت اسان سڀ فڪرمند آهيون

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*