تنگواڻي لڳ گاڏهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو فوت

تنگواڻي ويجهو گاڏهي برادري جي ٻن ڌرين ۾  سڱاوتي تڪرار تان  ٿيل جهيڙي ۾ هڪ ڳوٺاڻو مارجي ويو  جڏهن ته 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا، پوليس 10 ڳوٺاڻن کي گرفتار ڪري ورتو

ڳوٺ ميرخان گاڏهي ۾ ٿيل جهيڙي ۾ مصري  ، عبدالرحمان ۽ نظر محمد  سميت 5 ڳوٺاڻا زخمي ٿيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي مصري  گاڏهي فوت ٿي ويو

 ڳوٺاڻي جي  اسپتال ۾ فوت ٿيڻ جو اطلاع ايندي ئي ڳوٺ ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي ۽ ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي تي فائرنگ ڪئي جنهن بعد وڌيڪ  پوليس طلب ڪئي وئي  جڏهن ته ڌريون مورچابند ٿي ويون آهن

ٻئي طرف لٺ بردار  ڳوٺاڻن ٿاڻي جو گهيرو ڪيو جتي ٻيهر جهيڙو ٿي پيو جنهن سبب ابوبڪر ، صدرالدين ۽ سوڀو گاڏهي سميت  4 ڳوٺاڻا زخمي ٿي پيا

 پوليس ڪارروائي ڪري ٻنهي ڌرين جي 10 ڳوٺاڻن  کي گرفتار ڪري ورتو آهي جڏهن ته آخري اطلاعن تائين  واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*