عمران خان پنهنجا پنج سال پورا ڪندو: شيخ رشيد

ريلوي جي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ مولانا فضل الرحمان کي آزادي مارچ جي اجازت ڏينداسين،مون عمران خان کي پهريان ئي مارچ جي اجازت ڏيڻ لاءِ چيو هو،عدالتي حڪمن جي ڪنهن ڀڃڪڙي ڪئي ته قانون حرڪت ۾ ايندو.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شيخ رشيد چيو ته مولانا فضل الرحمان ن ليگ ۽ پ پ ٻنهي کي بيوقوف بڻائي رهيو آهي

هن چيو ته عمران خان پنهنجا پنج سال پورا ڪندو،پاڪستان ۾ ڀارت جي حملي جو خطرو آهي، اندران ڪوبه خطرو ناهي

ريلوي جي وزير چيو ته مولانا فضل الرحمان  زندگي جو تمام وڏو فيصلو ڪرڻ وڃي رهيو آهي

هن چيو ته مون پهريان ئي چيو هو ته شهباز شريف ، نواز شريف کان وڏو چور آهي،عمران خان اڄ اين آر او ڏئي ته مخالف ڌر جي تحريڪ ختم ٿي ويندي،شريف خاندان ڪنجوس آهي،هڪ رپيو به واپس نه ڪندو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*