ڪشمير تي ڀارتي ظلم جا 72 سال مڪمل

ڀارت جي رياستي دهشتگردي ۽ ڪشمير تي ڪاهه خلاف اڄ پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ ڪارو ڏينهن ملهايو پيو وڃي

27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارت والاريل ڪشمير تي ڪاهه ڪري قبضو ڪيو هو

رپورٽ موجب ڀارتي فوج پهريون ڀيرو ڪشمير واديءَ ۾ داخل ٿي ڪشميرين تي بندوقن جا منهن کولي ڇڏيا هئا

ڀارتي فوج جي فائرنگ ۾ 94 هزار 8 سئو 26 ڪشميري شهيد ۽ لکين شهري زخمي ٿي چڪا آهن

ڀارتي ظلم خلاف ڪشميري ڊگهي عرصي کان جدوجهد ڪري رهيا آهن

ڪشميرين جي جدوجهد جي حمايت طور پاڪستان ۾به اڄ 27 آڪٽوبر کي ڪاري ڏهاڙي طور ملهايو پيو وڃي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*