ڪشمير ۾ ڀارتي قبضي خلاف اڄ سموري دنيا ۾ ڪارو ڏينهن ملهايو پيو وڃي: وزيراعظم

وزيراعظم عمران خان عالمي برادري تي زور ڀريو آهي ته اها والاريل ڪشمير ۾ مظلوم ڪشميرين جي بنيادي انساني حقن جي احترام ۽ آزادي کي يقيني بنائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري

ڪشمير تي قبضي خلاف ڪاري ڏينهن جي موقعي تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ وزير اعظم چيو ته پنج آگسٽ 2019 کان ڀارتي حڪومت  پاران انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين ۾ ڪيترائي ڀيرا اضافو  ۽ ان ۾ شدت آئي آهي.هٿ ٺوڪئي وڏي جمهوريت هجڻ جو دعويدار ڀارت جو اصل مک وائکو ٿي چڪو آهي.

وزير اعظم چيو ته هن سال ڪشمير سان يڪجهتي ۽ ڀارتي جي قبضي خلاف ڪارو ڏينهن  سموري دنيا ۾ ملهايو پيو وڃي

هن چيو ته ماضي جي ڀيٽ ۾ هن ڀيري ڪشميرين سان يڪجهتي وڌيڪ ڀرپور انداز ۾ ملهائي پئي وڃي

عمران خان چيو ته 27 آڪٽوبر 1947 تي عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندي ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير تي قبضو ڪيو ۽ 15 آگسٽ 2019 تي وڌيڪ هڪ طرفا قدم کنيا، جيڪي گڏيل قومن جي ٺهرائن جي ڀڃڪڙي آهن

هن چيو ته ڀارتي قدمن سبب والاريل ڪشمير مڪمل جيل ۾ تبديل ٿي ويو آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*