پاڪستاني عوام ڪشميرين کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏيندي: فردوس عاشق اعواڻ ٽوئيٽ

سڌ سماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پاڪستاني عوام ڪشميرين کي انهن جي منصفاڻي ۽ جائز جدوجهد ۾ ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏيندي

ڪاري ڏينهن جي موقعي تي جاري ڪيل پيغام ۾ فردوس عاشق اعواڻ چيو ته اڄوڪي ڏينهن تي ڪشميري عوام ڀارتي فوج جي ڪشمير ۾ داخل ٿيڻ جي حوالي سان ڪارو ڏينهن  ملهائي رهيو آهي

هن چيو ته پاڪستاني قوم ڪشميرين  جي ڪاز سان مڪمل ايڪتا جو اظهار ڪري ٿي

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڪشميري عوام  کي جيستائين گڏيل قومن جي ٺهرائن تحت حق نٿا ملن، تيستائين هي جدوجهد جاري رهندي

هن چيو ته افسوس جوڳي ڳالهه آهي ته ڀارتي حڪومت ڪشميرين سان ڪيل وعدن تي عمل ڪرڻ بدران ماٿري ۾ دهشتگردي جي بازار گرم ڪري ڇڏي آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*