سامونڊي طوفان ”ڪيار“ جي شدت ۾ اضافو، ڪراچي ۾ برسات جو امڪان

عربي سمنڊ ۾ ٺهيل طوفان “ڪيار ” شدت اختيار ڪري ورتو، طوفان سبب ڪراچي سميت سنڌ جي سامونڊي علائقن ۾ تيز هوائن سان برسات جو امڪان آهي

موسميات کاتي موجب طوفان ڪيار پاڪستان کان 950 ڪلو ميٽر پري اوڀر ۽ اولهه طرف وڏي رهيو آهي

 موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته طوفان جا اثر 28 ۽ 30 آڪٽوبر تي واضح ٿي ويندا

موسميات کاتي موجب طوفان سبب ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ تيز هوا سان هلڪي برسات جا امڪان آهن

موسميات کاتي طوفان سبب مهاڻن کي اونهي سمنڊ ۾ نه وڃڻ جي هدايت ڪئي آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*