ڳڙهي ياسين ڀرسان مڙس ڪاوڙجي زال کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو

ڳڙهي ياسين  ويجهو گهرو اڻبڻت تان مڙس ڪاوڙجي زال کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويو ، مڙهه پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو

 ڳوٺ جلال بروهي ۾  شبير احمد  گهرو اڻبڻت  تان پنهنجي گهرواري فاطمه کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو

 اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي ڳڙهي ياسين اسپتال منتقل ڪيو جتان پوسٽ مارٽم بعد مڙهه  وارثن حوالي ڪيو ويو

 هوڏانهن ڳڙهي ياسين پوليس جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڳوٺ تي چڙهائي ڪئي پر جوابدار فرار ٿي ويو

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*