سامونڊي طوفان ”ڪيار“ جا اثر، ٺٽي جي ڳوٺن ۾ پاڻي داخل

سامونڊي طوفان ڪيار جا اثرٺٽي جي سامونڊي پٽي تي پوڻ شروع ٿي ويا آهن، حفاظتي بند ٽٽڻ سبب 5 ڳوٺن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو

 سامونڊي پاڻي ڳوٺ مامون شولاڻي، ڳوٺ محمد علي شولاڻي، محمود جت، ڪنڊو ڪلمتي، احمد دبلو ۽ گل حسن ڪلمتي کي ٻوڙي ڇڏيو

انتظاميا متاثرن جي ڪابه  واهر نه ڪئي آهي جڏهن ته  متاثر کليل آسمان هيٺ بي يار و مددگار  ويٺل آهن

 گھوڙاٻاري، ڪيٽي بندر ۽ ساڪري جي سامونڊي پٽي وارن  ڳوٺن کي ڏنل حفاظتي بندن  تي به   پاڻي جو دٻاءُ وڌي ويو آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*