پنوعاقل ويجهو جوابدار جي نينگري سان مبينا ڏاڍائي

پني عاقل ويجهو  ڳوٺ دلدار سميجو ۾ جوابدار  نينگري کي مبينا طور ڏاڍائي جو نشانو بڻايو آهي

پوليس پاران اين سي داخل  ڪرڻ بعد نينگري کي اسپتال نيو ويو جتي سندس ميڊيڪل چيڪ اپ ڪيو ويو

 ڊاڪٽرياڻي جو چوڻ آهي ته نينگري جو ميڊيڪل چيڪ ڪري جزا وٺي ليباريٽري اماڻيا ويا آهن

نينگر جي والد الزام هنيو ته جوابدر  شفقت سميجي سندس نياڻي کي ڏاڍئي جو نشانو بڻايو آهي

 هن چيو ته پوليس جوابدر کي گرفتار ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي ، جوابدار کي گرفتار ڪر انصاف فراهم ڪيو وڃي

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*