ٻڌي ڇڏيو ڪنهن کي به اين آر او نه ڏيندس: وزيراعظم عمران خان

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آزادي مارچ جي نالي تي گڏ ٿيل سمورا مخالف ٻڌي ڇڏين ته مان مري ويندس پر ڪنهن کي اين آر او نه ڏيندس، اڳ ئي چيو هو ته ڪرپشن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ٿيندو ته سمورا ڪرپٽ گڏ ٿي ويندا، ننڪانه صاحب ۾ گرو نانڪ يونيورسٽي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ بعد خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته نوازشريف کي سموريون طبي سهولتون ڏنيون اٿئون، پنهنجي زندگي جي ضمانت نه ٿو ڏئي سگهان ته ٻين جي ڪيئن ڏيندس.

عمران خان چيو ته تعليم کانسواءِ ڪوبه معاشرو ترقي نٿو ڪري سگهي، ماضي ۾ حڪمرانن تعليم تي ڌيان نه ڏنو هو

وزيراعظم چيو ته سڀ کان وڌيڪ ڪرپشن اوقاف جي زمينن تي ٿي رهي آهي، اوقاف جي خالي زمينن تي يونيورسٽيون قائم ٿيڻ گهرجن

عمران خان چيو ته مون نواز شريف جي صحت جي بهتري لاءِ ڪوشش ڪئي آهي، عدالت پڇيو حڪومت نواز شريف جي حياتي جي گارنٽي ڏيندي؟ اسان پنهنجي زندگي جي به گارنٽي نٿا ڏئي سگهون

وزير اعظم چيو ته اسان نواز شريف کي بهتر طبي سهولتون ڏئي رهيا آهيون، رياست جي سامهون سڀني جا حق هڪ جهڙا آهن

عمران خان چيو ته مخالفن کي خوف آهي ته حڪومت ڪامياب ٿي رهي آهي، اين آر او آصف زرداري ۽ نواز شريف کي مليو هو، پر هاڻي جيستائين جيئرو آهيان، اوهان کي اين آر او نه ملندو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*