ڪنڌڪوٽ ۾ پوليس اهلڪارن جي شهادت، ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن شروع

ڪنڌڪوٽ ويجهو پوليس موبائل تي حملي ۾ شهيد ٿي ويل ٻنهي اهلڪارن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، شهيد غلام حيدر ڀيو جي ڳوٺ قياس ڀيو ۽ شهيد عنايت ڊيهو جي پني عاقل ڀرسان ڳوٺ پراڻي ٻـُڍ ۾ جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد تدفين ڪئي وئي، ٻن اهلڪارن جي شهادت بعد ضلعي جي پوليس اي پي سي چين ۽ بڪتربند گاڏين ذريعي ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.

دراني مهر ٿاڻي جي حد ۾ گذريل رات پوليس موبائل تي جوابدارن جي حملي ۽ فائرنگ ۾ 2 اهلڪار غلام حيدر ڀيو ۽ عنايت ڊيهو شهيد ٿي ويا هئا

ٻنهي شهيد اهلڪارن غلام حيدر ڀيو جي ڳوٺ قياس ڀيو ۽ شهيد عنايت ڊيهو جي پني عاقل ڀرسان ڳوٺ پراڻي ٻُڍ ۾ جنازي نماز ادا ڪرڻ کانپوءِ تدفين ڪئي وئي

ٻن اهلڪارن جي شهادت واري واقعي کانپوءِ ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس اي پي سي چين ۽ بڪتربند گاڏين جي مدد سان ڪچي جي دراني مهر ٿاڻي جي حد ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*