پنوعاقل ۾ نينگري سان زيادتي ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو

پني عاقل ويجهو نينگري کي مدرسي ۾ مبينا زيادتي جو نشانو بڻائيندڙ پيش امام شفقت سميجو گرفتار نه ٿي سگهيو، وارثن تحفظ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته بائجي پوليس پيش امام کي گرفتار نه پئي ڪري، جنهن ڪري جوابدار ڌر کين ڌمڪائي رهي آهي.

ٽَي ڏينهن اڳ بائجي ٿاڻي جي حد ڳوٺ دلدار سميجو ۾ ست سالن جي نينگري کي پيش امام شفقت سميجو مبينا زيادتي جو نشانو بڻايو هو

نينگري جي والدين تحفظ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته پيش امام نينگري سان زيادتي ڪري وڏو ناحق ڪيو آهي، پر بائجي پوليس کيس گرفتار نه ڪري رهي آهي، جنهن سبب کين ڌمڪايو پيو وڃي

هنن مطالبو ڪيو ته جوابدار کي فوري طور تي گرفتار ڪري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي

گذريل ڏينهن سيشن جج سکر به نينگري ۽ سندس والدين کي پاڻ وٽ گهرائي ملاقات بعد پوليس کي جوابدار گرفتار ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون هيو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*