ملڪ ۾ هڪجهڙي ۽ معياري تعليم کي هٿي وٺرائڻ عمران خان جو مشن آهي: فردوس

سڌ سماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ  چيو آهي ته ملڪ ۾ هڪجهڙي ۽ معياري تعليم کي هٿي وٺرائڻ عمران خان جو مشن آهي،غريب شاگردن کي احساس پروگرام تحت 50 هزار رپيا اسڪالرشپ طور ادا ڪيا ويندا

سماجي ويب سائيٽ تي ٽوئيٽ ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته هي وظيفا انهن خاندانن جي شاگردن کي ملندا،جن جي آمدني 45 هزارن کان گهٽ آهي

هن چيو ته احساس پروگرام تحت 50 سيڪڙو ڪوٽا عورتن ۽ 2 سيڪڙو معذور شاگردن جي هوندي.انهن وظيفن ۾ ڪتابن جي فراهمي، ٽرانسپورٽ، رهائش ۽ ٻيون ضرورتون شامل هونديون.اهو پروگرام 152 يونيورسٽين ۾ متعارف ڪرايو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*