ڊرٻ ميهر شاهه ۾ نوجوان جو علاج ڪرڻ بدران ڊاڪٽرن گهر روانو ڪري ڇڏيو

ڊرٻ ميهر شاھ جي ڳوٺ لعل ڏنو اڄڻ جي رهواسي نوجوان کي گمس اسپتال جي ڊاڪٽرن 5 ڏينهن اسپتال ۾ ترسائڻ بعد  بنا  علاج جي واپس ڪري ڇڏيو

نوجوان مٺل اڄڻ جو جسم سڄي  ويو آهي جڏهن ته   ڳچيءَ  ۾ تڪليف سبب کائڻ پيئڻ ۽ ڳالهائڻ کان محروم ٿي ويو آهي

 بيمار نوجوان جي پيرسن امڙ  ٻڌايو ته پٽ جي بيماري جو پتو نٿو پوي ڊاڪٽرن  ٽي بي هجڻ ۽ رت جي  کوٽ چئي بنا علاج واپس ڪري  ڇڏيو

ٻڍڙي عورت اعليٰ اختيارن کي اپيل ڪئي ته  پٽ جو علاج ڪرائي سندس زندگي بچائي وڃي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*