اسلام آباد هاءِڪورٽ پاران توهين عدالت ڪيس ۾ فردوس عاشق اعواڻ جي غيرمشروط معافي قبول

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ  توهين عدالت ڪيس ۾ سڌ سماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ جي غير مشروط معافي قبول ڪندي هڪ ٻيو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله جي عدالت سڌ سماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ جي خلاف توهين عدالت ڪيس جي شنوائي ڪئي

عدالت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي فردوس عاشق اعواڻ جي معافي جي درخواست قبول ڪري ورتي.

ڪيس جي شنوائي دوران چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏيندي چيو ته توهان سياسي بيان ڏئي ڪري ڪيس تي اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي

هن چيو ته توهان ان وزير اعظم جون خاص معاون آهيو، جيڪو قانون جي بالادستي جي ڳالهه ڪري ٿو

چيف جسٽس چيو ته اسان غريبن کي انصاف ڏيڻ لاءِ ويٺا آهيون،منهنجي ذات جي خلاف ڳالهايو ها ته شوڪاز نه ڏيان ها، توهان عدالت جي خلاف ڳالهايو

عدالت فردوس عاشق اعواڻ کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان عدالت جي عزت کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي،انڪري توهان کي پنهنجي پريس ڪانفرنس جو جواب ڏيڻو پوندو

عدالت فردوس عاشق اعواڻ کي ڪرمنل توهين عدالت شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي چيو ته توهان کي عدالت کي منهن ڏيڻو پوندو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*