وزير اعظم عمران خان  چيو آهي ته ڪرتارپور ياترين جو آڌرڀاءَ ڪرڻ لاءِ تيار آهي

وزير اعظم عمران خان  چيو آهي ته ڪرتارپور ياترين جو آڌرڀاءَ ڪرڻ لاءِ تيار آهي، بابا گرونانڪ  جي 550 هين سالگره تي ڪرتار پور راهداري مڪمل ٿي وئي آهي

سوشل ميڊيا تي ٽوئيٽ ڪندي عمران خان چيو ته  بابا گرو ناناڪ جي 550 هين سالگرهه  تي ڪرتار پور راهداري مڪمل ٿي چڪي آهي

هن چيو ته ڪرتارپور ، سک ياترين جو آڌر ڀاءُ ڪرڻ لاءِ تيار آهي

وزير اعظم چيو ته ڪرتار پور راهداري کي  ريڪارڊ مدي اندر مڪمل ڪرڻ تي حڪومت کي مبارڪون ڏيان ٿو

واضح رهي ته بابا گرو نانڪ جو جنم ڏينهن نومبر ۾ مڪمل چنڊ دوران ملهايو ويندو آهي.هن جو ڳاڻيٽو سکن جي 10 مان پهرين گرو طور ٿيندو آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*