هي جنگ عمران خان جي ذاتي ناهي: فردوس عاشق اعواڻ ٽوئيٽ

سڌ سماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته هي جنگ عمران خان جي ذاتي ناهي، پر مافيا ۽ عوام جي وچ ۾  جنگ آهي، ڏهاڪن کان قوم تي مڙهيلن کي پنهنجي ٽئين نسل جو سياسي مستقبل اونداهو نظر اچي پيو

سوشل ميڊيا تي ٽوئيٽ ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته  فضل الرحمان 31 سالن ۾ ناجائز حڪمرانن جو جيڪو کاڌو آهي،انهن جي نيمڪ حلالي ڪري رهيو آهي

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته 22ڪروڙ مظلوم عوام پنهنجي مرضي جو حڪمران چونڊيو آهي

مولانا فضل الرحمان کي مخاطب ڪندي خاص معاون چيو ته مولانا صاحب!ملڪ کي انارڪي طرف ڌڪڻ ۾ توهان ۽ توهان جا ساٿي ناڪام ٿي ويندا

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*