ڪراچي جي شرافي ڳوٺ ۾ وحشي جوابدار قبر کوٽي عورت جي لاش جي بيحرمتي

ڪراچي جي شرافي ڳوٺ ۾ اڻڄاتل وحشي جوابدار قبر کوٽي هڪ عورت جي لاش جي بي حرمتي ڪئي، وارثن جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن فوت ٿيل نوجوان ناريءَ کي دفنايو ويو هو، ٻئي ڏينهن قبر کوٽيل ۽ ناريءَ جو ڪفن لٿل لاش ٻاهر پيل نظر آيو.

شرافي ڳوٺ جي قبرستان ۾ هڪ وحشي جوابدار تازو دفنايل عورت جي لاش جي مبينا طور بي حرمتي ڪئي

فوتڻ جي وارثن جو چوڻ آهي ته لاش دفنائڻ بعد ٻي ڏينهن تي سبرستان وياسين ته قبر کوتيل هئي ۽ لاش جي جسم تان ڪفن لٿل هيو ذ۽ جسم تي زيادتي جا نشان واضح هئا

اهڙي اطلاع تي پوليس قبرستان پهچي ناري جو لاش ٻيهر دفنايو، پوليس جو چوڻ آهي ته  جوابدار جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي، جلد کيس سوگهو ڪيو ويندو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*