عدالت پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه کي 5 ڏينهن جي رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو

آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ گرفتار سيد خورشيد شاهه کي عدالت 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو، پ پ اڳواڻ کي واپس  اين آءِ سي وي ڊي  منتقل ڪيو ويو

سيد خورشيد شاهه کي اين آءِ وي سي ڊي  مان ايمبولينس ذريعي سيشن ڪورٽ آندو ويو پ پ اڳواڻ کي ويل چيئر تي عدالت جي ڪمري ۾ پهچايو ويو

سيشن جج خورشيد شاهه کان پچيو ته توهان کي ڪا تڪليف ته نه آهي جنهن تي  پ پ اڳواڻ ڳالهائڻ بدران ڪنڌ لوڏيندي  جواب ڏنو  ته ڪو به مسئلو نه آهي

 جنهن بعد سيشن جج سيد شرف الدين شاهه  خورشيد شاهه کي واپس اسپتال منتقل ڪرڻ  جو حڪم ڏنو

نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي آگاهي ڏني ته  خورشيد شاهه جي گوسڙجي سميت  مختلف  علائقن ۾ بي نامي ملڪيت ظاهر ٿي  آهي

   نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته خورشيد شاهه نيب جي ڪنهن به سوالنامي جو جواب ناهي ڏنو  سندس  وڌيڪ 15 ڏينهن جو جسماني رمانڊ ڏنو وڃي

   سيد خورشيد شاهه جي وڪيل  عدالت کي ٻڌايو ته نيب پهرين 29 سوال پڇيا هئا انهن جا جواب ڏنا ويا  ۽ بعد ۾ ٻيو سولنامون مليو جنهن به جواب ڏنا ويا

 سيد خورشيد شاهه جي وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته  پ پ اڳواڻ کي  جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪليو وڃي

عدالت ٻنهي ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد خورشيد شاهه کي 5 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏي

 واضع رهي ته احتساب عدالت جو جج موڪل تي هجڻ سبب  ڪيس جي ٻڌڻي سيشن جج  سکر سيد شرف الدين شاهه ڪئي

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*