ڪشمير تان ڌيان هٽائڻ لاءِ اندروني سازشون ٿي رهيون آهن: فواد چوڌري

سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ڪشمير تان ڌيان هٽائڻ لاءِ اندروني سياسي سازشون ڪيون پيون وڃن،مودي جو ايندڙ نشانو سنڌ طاس معاهدو هوندو.

سوشل ميڊيا تي ٽوئيٽ ڪندي فواد چوڌري چيو ته ڀارت ، پاڪستان جي حصي جو پاڻي خبر ناهي  ته ڪيئن برداشت ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته پاڪستان وٽ اک ڇنڀڻ جو به وقت ناهي، پر هر صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون

واضح رهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت جو موقف رهيو آهي ته آزادي مارچ ڪشمير جي معاملي تان ڌيان هٽائڻ لاءِ آهي، جڏهن ته مخالف ڌر ان جي سختي سان ترديد ڪندي رهي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*