وزيراعظم عمران خان کي آزادي مارچ ۾ شامل ڪارڪنن جي ياد اچي وئي

وزيراعظم عمران خان اسلام آباد ۾ برسات سبب آزادي مارچ ۾ شامل ڪارڪنن جي مدد لاءِ ڪيپيٽل ڊيولپمنٽ اٿارٽي جي چيئرمين کي ڌرڻي ۾ پهچڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سوشل ميڊيا تي  ڪيل ٽوئيٽ ۾  وزيراعظم چيو ته سي ڊي اي چيئرمين کي چيو آهي ته هو برسات متاثر ڪارڪنن کان مسئلا معلوم ڪري.

وزيراعظم چيو ته ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙن کي  ڪنهن به شيءِ جي ضرورت آهي ته کين فراهم ڪئي وڃي

واضح رهي ته  آزادي مارچ جا ڪارڪن برسات ۽ ٿڌ کان بچڻ لاءِ پلاسٽڪ جون ٿيلهيون استعمال ڪرڻ لڳا، ڪيترن ئي ڪارڪنن گاڏين ۽ ٽرالن جي هيٺان رات گهاري.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*