سپريم ڪورٽ مراد علي شاهه جي نااهلي بابت لارجر بينچ جوڙڻ واري استدع رد ڪري ڇڏي

سپريم ڪورٽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي نااهلي بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪندي  لارجر بينچ جوڙڻ واري استدعا رد ڪري ڇڏي.

جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ ڄاڻايو ته جيڪڏهن ضروري هوندو ته لارجر بينچ جوڙڻ جي سفارش ڪنداسين.

عدالت درخواست گذار جي وڪيل کي هدايت ڪئي ته توهان نااهلي جي گرائونڊ جي حوالي سان ڪيس پيش ڪريو، ضروري هوندو ته لارجر بينچ جي سفارش ڪنداسين.

درخواستگذار روشن ٻرڙي جي وڪيل حامد خان بينچ جي ميمبر جسٽس منيب اختر تي اعتراض واريو

حامد خان استدعا ڪئي ته ڪيس ۾ اهم قانوني نقطا آهن، انڪري لارجر بينچ جوڙي وڃي

درخواست گذار جي وڪيل بينچ جي ميمبر جسٽس منيب اختر تي اعتراض واريو، هن چيو ته هن بينچ جي هڪ جج هي ڪيس هائي ڪورٽ ۾ ٻڌو آهي.

جسٽس عمر عطا بنديال  چيو ته هي جج ۽ بينچ جي پنهنجي چوائس آهي.جسٽس منيب اختر چيو ته ضروري ناهي ته ان معاملي کان الڳ ٿيا، هي نظرثاني جي درخواست آهي.

وڏي وزير مراد  علي شاهه جي وڪيل مخدوم علي خان لارجر بينچ جي مخالفت ڪندي چيو ته نظرثاني درخواست ۾ لارجر بينچ جو ڪوبه مثال موجود ناهي.

عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*