نيوسعيدآباد ۾ مسافر ڪوچ چنگچي رڪشا سان ٽڪرائجي وئي، 11 ڄڻا فوت

نيوسعيد آباد ۾ ريس لڳائينڊر ٻن مسافر ڪوچن مان  چنگچي رڪشا سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا فوت ۽ 3 مسافر زخمي ٿي پيا، ٽن زخمين جو نوابشاهه جي اسپتال ۾ علاج جاري آهي.

نيوسعيدآباد وٽ پنجاب کان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ ٻئي ڪوچ سان ريس لڳائي رهي هئي ته روڊ پار ڪندڙ چنگچي رڪشا جي مٿان چڙهي وئي.

خوفناڪ حادثي جي نتيجي ۾ چنگچي ۾ شوار 9 ماڻهو ٿڏي تي فوت ٿي ويا ۽ 5 ماڻهو زخمي ٿي پيا

حادثي جي فوتين ۽ زخمين کي پوليس ۽ مقامي رھواسين جي مدد سان نيوسعيدآباد جي اسپتال پھچايو ويو، جتان زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ ڪري کين نوابشاھ منتقل ڪيو ويو، جتي وڌيڪ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا.

فوتين ۾ شمشاد کوسو، شير محمد، ارشاد، مجنون، عمران، والو ڪولھي، تماچي، ڪانو ڪولھي، جيمن ڪولھي، رامون ۽ ٻيا شامل آھن.

پوليس موجب فوتي ڳوٺ پير بخش کوسو ۽ ڀرپاسي جا رھواسي ھئا جيڪي مزدوري تي وڃي رھيا ھئا ته حادثي جو شڪار ٿي ويا.

پوليس حادثي جو ڪارڻ بڻيل مسافر ڪوچ کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، جڏھن ته ڪوچ جو ڊرائيور ۽ ٻيو عملو  وجهه وٺي فرار ٿي ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*