اسلام آباد ۾ برسات سان آزادي مارچ جا ڪارڪن مشڪلاتن جو شڪار آهن: فواد چوڌري

سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اسلام آباد ۾ برسات سان آزادي مارچ جا ڪارڪن مشڪلاتن جو شڪار آهن ۽ قيادت گهر ويٺي حلوي جو مزو وٺي رهي آهي. هن چيو ته فضل الرحمان جي گهر جو هڪ ڀاتي به مارچ ۾ شريڪ ناهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته حڪومت مخالف قوم جي پليٽ ليٽس تي به مهرباني ڪن، رعايت يافتا طبقي ملي ڪري قوم جا پليٽ ليٽس گهٽايا آهن،حڪومت ۽ اسلام آباد کي ڪوبه خطرو ناهي،پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جو سفر جاري آهي.

فواد چوڌري چيو ته  نوازشريف پهريون مريض آهي جيڪو ڳڻتي جوڳي حالت ۾ گهر منتقل ٿيو آهي،باقي مريض اسپتال ۾ داخل ٿيندا آهن.

هن نوازشريف جي طبيعت ۾ بهتري لاءِ دعا ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*