پاڪستان جي سياست جي ڊرامي مان نوازشريف ۽ آصف زرداري جو ڪردار ختم ٿي ويو:فواد چوڌري

وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پاڪستان جـِي سياست جـَي ڊرامي مان نواز شريف ۽ آصف زرداري جو ڪردار ختم ٿي ويو آهي

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي پنهنجي ٽوئٽ ۾ سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري شيڪسپيئر جي هڪ قول جو حوالو ڏنو آهي

فواد چوڌري شڪيسپيئر جي قول جو حوالو ڏيندي چيو ته پاڪستان جي سياست هڪ اسٽيج آهي، ماڻهو ايندا آهن ۽ پنهنجو ڪردار ادا ڪري هليا ويندا آهن، نواز شريف ۽ آصف زرداري جو ڪردار به ائين آهي.

هن چيو ته نواز شريف ۽ آصف زرداري جي هاڻي اهميت ناهي رهي، اهي ماضي جا ڪردار بڻجي چڪا آهن، نوان ڪردار رڳو پنهنجو سياسي ڪڌ وڌائڻ لاءِ آصف زرداري ۽ نواز شريف جا نالا پيا استعمال ڪن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*