پنجاب حڪومت جڊيشل ڪميشن جي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي، شاهه محمود قريشي

پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پنجاب حڪومت جڊيشل ڪميشن جِي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي، پنجاب جي وڏي وزير کي طلب ڪيو وڃي.

ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته تحريڪ انصاف جڊيشل ڪميشن کي ڌانڌلين بابت اهم دستاويز پيش ڪيا آهن، جڏهن ته ڪميشن سان مڪمل سهڪار ڪيو ويندو.

شاهه محمود قريشي پنجاب جي وڏي وزير تنقيد ڪندي چيو ته شهباز شريف قانون جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، کيس جڊيشل ڪميشن ۾ طلب ڪيو وڃي.

شاهه محمود قريشي وڌيڪ چيو ته عام چونڊن ۾ منظم ڌانڌلي ٿي، جنهن بابت  پي ٽي آءِ جڊيشل ڪميشن ۾ جوڳا دستاويز پڻ پيش ڪيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*