لاڙڪاڻي جي ڪتي ڏاڙهيل نينگر جي حالت خراب

لاڙڪاڻي ۾ ڪتن جي ڏاڙهيل ٻار حسنين ٻگهيو کي علاج نه ملڻ سبب ڪراچي منتقل ڪيو ويو، ڪراچي جي انڊس ۽ سول اسپتال پاران به انڪار بعد رات دير سان ٻار کي اين آءِ سي ايڇ ۾ داخل ڪيو ويو، حسنين جي علاج لاءِ ڊاڪٽرز جي 6 رڪني ڪميٽي قائم ڪئي وئي، ڊائريڪٽر اين آءِ سي ايڇ چيو آهي ته ٻار جي حالت انتهائي ڳڻتيءَ جوڳي آهي، سندس حياتي بچائڻ پهرين ترجيح آهي، چهري جي سرجري بابت فيصلو بعد ۾ ڪيو ويندو.

لاڙڪاڻي ويجهو ڳوٺ حبيب ٻگهيو ۾ ڪتي جي ڏاڙهي سخت زخمي ڪيل 6 ورهين جي ٻار حسنين ٻگهيو کي لاڙڪاڻي ۾ علاج نه ملڻ بعد کيس انتهائي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي منتقل ڪيو ويو.

لاڙڪاڻو منتقل ڪيل ٻار کي اندس اسپتال انتظاميا علاج کان انڪار ڪري سول اسپتال موڪلي ڇڏيو، پر سول اسپتال انتظاميا به بار جو علاج ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

انڊس ۽ سول اسپتال انتطاميا پاران بار جي علاج کان انڪار سبب معصوم جا وارث پنهنجي جگر جي ٽڪري جي علاج لاءِ سڄي رات سرديءَ ۾ دربدر رهيا، جنهن بعد اين آءِ سي ايڇ اسپتال انتظاميا نينگر کي داخل ڪيو.

اين آءِ سي ايڇ اسپتال انتظاميا ٻار جي علاج لاءِ ڊاڪٽرن جي 6 رڪني ڪميٽي جوڙي آهي، جيڪي ٻار  جي حياتي بچائڻ لاءِ جتن ڪري هيا آهن

اين آءِ سي ايڇ جي ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته حسنين جي حالت اڃا تائين ڳڻتي جوڳي آهي، پهرين ترجيح ٻار جي حياتي بچائڻ آهي ان کانپوءِ سندس چهري جي سرجري ڪئي ويندي.

واضح رهي ته  ڪتن ٻار جي چهري سميت جسم جي مختلف حصن کي پٽي ڇڏيو هو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*