جي يو آءِ جي پلان ”بي“ تحت چئني صوبن ۾ ڌرڻا جاري
جي يو آءِ جا پلان بي تحت ملڪگير ڌرڻا جاري آهن، سنڌ ۾ 5 هنڌن تي ڌرڻن هڻڻ سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي آهي
حب ويجهو حب رور روڊ تي راشد محمود سومرو جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو ٻئي ڏينهن تي به جاري آهي
جيڪب آباد ۾ سنڌ -بلوچستان دنگ تي ڌرڻو هنيو ويو آهي، جڏهن ته گهوٽڪي ۽ سکر ۾ قومي شاهراهه ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ انڊس هاءِ وي تي لڳل ڌرڻا برسات سبب ختم ڪيا ويا آهن.
ڌرڻن ختم ڪرڻ جي اعلان بعد ڪارڪن گهرن ڏانهن واپس روانا ٿي ويا. ٻئي طرف پنجاب، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جي مختلف شاهراهن تي به ڌرڻا جاري آهن
هوڏانهن مولانا فضل الرحمان چئني صوبن ۾ لڳل ڌرڻن ۾ شرڪت ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي
اعلان مطابق مولانا فضل الرحمان ٻن ڏينهن بعد سنڌ پهچي ڌرڻن ۾ شريڪ ٿيندو،جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ مولانا بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ احتجاجي ڌرڻن ۾ شامل ٿيندو