ناڪامين جو وڏو سبب مختصر مدي واري پلاننگ آهي: وزيراعظم عمران خان

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قوم جي حيثيت ۾ اسان جي ناڪامي جو وڏو سبب مختصر مدي واري پلاننگ آهي، ماضي ۾ حڪومتن رڳو اليڪشن کٽڻ لاءِ نمائشي منصوبا شروع ڪري ڪروڙين رپيا خرچ ڪيا.

  اسلام آباد ۾ هوا مان بجلي پيدا ڪندڙ منصوبي جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته حڪومت هڪ سال دوران بجلي چوريءَ جا 120 ارب رپيا اوڳاڙي وڏي ڪاميابي ماڻي آهي.

هن چيو ته  حڪومت جو هڪ سال ڏکيو گذريو، هاڻي معيشت سڌي دڳ تي هلي پئي آهي

عمران خان چيو ته چين جي معاشي ڪاميابي جو راز ڊگهي مدي واري رٿابندي آهي،اهو ئي سبب آهي جو چين 70 ڪروڙ شهرين کي غربت مان ٻاهر ڪڍيو

هن چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ مهانگي بجلي هتي ٺهي رهي آهي،بجلي جي چوري اهم مسئلو آهي، موجودهه حڪومت 120 ارب رپيا بجلي جي رهتن وارا اوڳاڙيا آهن

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*