ملڪ لاءِ 3 مهينا اهم، جنوري ۾ صورتحال بهتر ٿيندي: شيخ رشيد جي دعويٰ

ريلوي جي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ملڪ لاءِ ايندڙ 3 مهينا اهم آهن،جنوري ۾ صورتحال بهتر ٿي ويندي،نواز شريف کي 4 هفتن لاءِ ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏني وئي

راولپنڊي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته  نواز شريف سان نه ڊيل ٿي نه  ئي ڍر ڏني وئي

هن چيو ته هاءِ ڪورٽ جو فيصلو قانون جي سوڀ آهي،نوازشريف بابت فيصلو نه اسان جي شڪست آهي نه ئي ن ليگ جي ڪاميابي

شيخ رشيد چيو ته عدالت ٻنهي پارٽين جي عزت کي قائم رکيو، عمران خان جي ايجنڊا آهي ته ڪنهن چور کي ڇڏڻو ناهي

ريلوي جي وزير  چيو ته گذريل هڪ مهيني کان  نوازشريف  ٽي وي تي ٿرموميٽر بڻيل هو،اسٽاڪ ايڪسچينج جيان نوازشريف جون پليٽ ليٽس به هيٺ مٿي ٿي رهيون هيون

شيخ رشيد چيو ته آصف زرداري جي پلي بارگين لاءِ  پنج ماڻهو ڪوششون ڪري رهيا آهن، خورشيد ۽ حمزه شهباز  کي ڇڏي ڪري پلي بارگيننگ جي شروعات ٿي وئي آهي

هن چيو ته مولانا فضل الرحمان کي ٻه ڏينهن اڳ وڃڻو هو،هو ڪنهن جي چوڻ تي نه ويو آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*