شريف خاندان سدائين پنهنجن واعدن تان ڦري ويندو آهي: فردوس عاشق اعواڻ

سڌ سماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق  اعواڻ چيو آهي ته نوازشريف جي پرڏيهه روانگي واري معاملي تي بدقسمتي سان حڪومت جي نيت تي شڪ ڪيو ويو،شريف خاندان سدائين واعدا ڪري ڦري ويندو آهي.

سوشل ميڊيا تي ٽوئيٽ ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته وزيراعظم انساني همدردي جي بنياد تي عدالت جو  فيصلو قبول ڪيو

هن چيو ته اسان کي نواز شريف جي صحت عزيز آهي

واضح رهي ته نوازشريف جي پرڏيهه روانگي لاءِ حڪومت ڪجهه شرط رکيا هئا، جن خلاف ن  ليگ  لاهور ڪورٽ جو در کڙڪايو.عدالت حڪومتي شرطن کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*