اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف اڱاري ڏينهن علاج لاءِ پرڏيهه روانو ٿيندو: مريم اورنگزيب

نون ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته اڳوڻو وزير اعظم نوازشريف  اڱاري ڏينهن علاج لاءِ پرڏيهه روانو ٿيندو

جاري ڪيل بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته نوازشريف کي پرڏيهه کڻي وڃڻ لاءِ ايئر ايمبولينس اڱاري تي صبح جو پهچندي

ن ليگ جي ترجمان چيو ته ڊاڪٽرن نوازشريف جو اڄ صبح جو تفصيلي معائنو ڪيو،نوازشريف کي اسٽيرائيڊز جا هاءِ ڊوز ڏيڻ جو عمل جاري آهي

هن چيو ته هائي بلڊ پريشر، هارٽ ۽ ٻين طبي خطرن کي گهٽائڻ لاءِ نوازشريف کي دوائون ڏنيون پيون وڃن

مريم اورنگزيب چيو ته ڊاڪٽر اهڙي محفوظ طبي حڪمت عملي تي عمل ڪري رهي آهي،جنهن سان نوازشريف پرڏيهه جو سفر ڪري سگهي

هن قوم کي اپيل ڪئي ته اها  نوازشريف لاءِ  خاص دعائون ڪري  ته جيئن هن جوسفر خير سان مڪمل ٿئي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*