ڪنڌڪوٽ ۾ خوراڪ کاتي جي غفلت سبب ڪروڙين رپين جي ڪڻڪ خراب

ڪنڌڪوٽ   جي  خوراڪ کاتي جي نااهلي سبب ٻه ورهيه اڳ ڪروڙين رپين جي لاڳت سان خريد ڪيل ڪڻڪ خراب ٿيڻ ۽  ٻورين ۾ ڀتر ۽ مٽي هجڻ جو  انڪشاف ٿيو آهي

خوراڪ کاتي جي عملدارن 2ورهيه اڳ ڪروڙين رپين جي لاڳت سان خريد ڪيل ڪڻڪ گدام ۾ رکڻ بدران  کليل آسمان هيٺ رکي ڇڏي جيڪا تازين برساتن ۾ ڪاري ۽ بدبودار ٿي وئي .

 خوراڪ کاتي جا عملدار پنهنجي ڪوتاهي لڪائڻ لاءِ  خراب ٿيل ڪڻڪ ٽرڪن ۾ کڻي رهيا آهن جڏهن ته ڪڻڪ جي ٻورين ۾ مٽي ۽ ڀتر هجڻ جو پڻ انڪشاف ٿيو آهي

سنڌ سرڪار  پاران هزارين ڪڻڪ جون ٻوريون خريد ڪيون ويون هيون في ڪڻڪ جي  ٻوري جي قيمت  1300 رپين  کان وڌيڪ ٻڌائي پئي وڃي

ڊي سي ڪشمور جو چوڻ آهي ته معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي غفلت ڪندڙ خوراڪ کاتي جي عملدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*