مچ جيل ۾ ڦاهي جي منتظر صولت مرزا کي سڀاڻي ڦاسي ڏني ويندي

مچ جيل ۾ ڦاهي جي منتظر صولت مرزا کي سڀاڻي ڦاسي ڏني ويندي، ان سلسلي ۾ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن.

مچ جيل ۾ قيد صولت مرزا جا بليڪ وارنٽ اڳواٽ ئي جاري ٿي چُڪا هئا، جنهن کانپوءِ انهن تي سڀاڻي عمل ٿي رهيو آهي.

مچ جيل جي انتظاميه جو چوڻ آهي ته مچ جيل جي سڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وئي آهي ۽ صولت مرزا کي سڀاڻي صبح جو ڦاسي چاڙهيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*