جي يو آءِ جا پلان بي تحت ڌرڻا جاري

حب ويجهو جي يو آءِ پاران چوٿين ڏينهن به ڌرڻو هنيو ويو، جنهن سبب سنڌ ۽ بلوچستان ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل رهي

جي يو آءِ جي ڪارڪنن حب رور روڊ تي چوٿين ڏينهن به ڌرڻو هنيو،جنهن سبب ٽريفڪ جي اچ وڄ معطل رهي

احتجاج ڪندڙن چيو ته قيادت جي حڪم تحت ڌرڻو جاري رهندو، حڪمرانن کي گهر ڀيڙو ڪري سک جو ساهه کڻنداسين

جي يو آءِ جي اڳواڻن چتاءُ ڏيندي چيو ته جعلي مينڊيٽ ذريعي آيل وزير اعظم کي فوري طور نه هٽايو ويو ته  احتجاج جو سلسلو تيز ڪيو ويندو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*