پاڪستان شاهين ون ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو

پاڪستان هر قسم جا وار هيڊز کڻي وڃڻ واري شاهين ون ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو، ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور موجب ميزائل هر قسم جا وار هيڊز 650 ڪلو ميٽر تائين کڻي وڃڻ جي صلاحيت رکي ٿو.

پاڪستان شاهين ون ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو آهي، جيڪو هر قسم جا وار هيڊز 650 ڪلو ميٽرز تائين کڻي وڃڻ جي صلاحيت رکي ٿو

ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته تجربي جو مقصد گهٽ ۾ گهٽ دفاعي صلاحيت کي برقرار رکڻ آهي، ميزائل جو تجربو پاڪ فوج جي تربيتي مشقن جو حصو آهي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو ته شاهين ون زمين کان زمين تائين مار ڪندڙ بئلسٽڪ ميزائل آهي، جنهن جي تجربي جو مشاهدو ڊي جي اسٽريٽجڪ پلان ڊويزن، چيئرمين نيسڪام ۽ ٻين اعليٰ اختيارين ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*