آزادي مارچ بليڪ ميلنگ ڪرڻ لاءِ هو،سڀ چور گڏ ٿيا: وزيراعظم عمران خان

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسلام آباد ۾ڪنٽينر تي سرڪس لڳايو ويو، سرڪس لڳائيندڙ هڪ مهينو به ڪنٽينر تي گذاري ڏيکارين، آئون سندن سمورا مطالبا تسليم ڪندس،ايبٽ آباد ۾هزاره موٽروي فيز 2 جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته جنهن کي به ڪرپشن جي ڪيسز ۾ پڪڙجڻ جو خوف هيو، اهو ڪنٽينر  تي بيهي رهيو.

هن وڌيڪ چيو ته آزادي مارچ بليڪ ميلنگ ڪرڻ لاءِ هو،سڀ چور گڏجي پنهنجي ڪرپشن بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

وزيراعظم عمران خان چيو ته مدرسن جي ٻارن کي آزادي مارچ ۾آندو ويو،برسات ٿي ته فضل الرحمان پاڻ گرم ڪمري ۾هليو ويو،ڪارڪنن جي سيءَ ۾ سٽجڻ تي تمام گهڻو افسوس ٿيو.

هن چيو ته پاڪستان ۾ڌرڻا هڻڻ جو ڪو ماهر آهي ته اهو آئون آهيان.

عمران خان چيو ته  ڊيزل جي پرمٽ تي وڪامجڻ وارو مولانا فضل الرحمان مذهب تي سياست ڪري رهيو آهي، جنهن کي پاڪستان جو عوام رد ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته چيف جسٽس حڪومت سان سهڪار ڪري،عدليه کي ڪمزور ۽ طاقتور لاءِ الڳ احتساب وارو تاثر ختم ڪرڻ گهرجي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*