لاڙڪاڻي ۾ ڪتي ڏاڙهيل ٻار حسنين ٻگهيو جي طبيعت ۾ سڌارو اچڻ لڳو

اين آءِ سي ايڇ ڪراچي ۾ داخل ڪتي ڏاڙهيل ٻار حسنين ٻگهيو جي طبيعت ۾ سڌارو اچڻ لڳو، ڊاڪٽرز حسنين جي چهري جي ٻي ڪامياب سرجري به ڪري ورتي، سرجن ڊاڪٽر محمد انور جو چوڻ آهي ته حسنين جي طبيعت ۾ سڌارو اچڻ شروع ٿي ويو آهي پر هو اڃا تائين وينٽيليٽر تي آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه به حسنين جَي علاج لاءِ 10 رڪني ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو آهي.اين آءِ سي ايڇ  جي پيڊياٽرڪ سرجن ڊاڪٽر محمد انور جو چوڻ آهي ته ۾ حسنين ٻگهيو جي طبيعت ۾ سڌارو اچڻ شروع ٿي ويو آهي پر هو اڃا تائين وينٽيليٽر تي ئي آهي.اين آءِ سي ايڇ جي ڊاڪٽرن جي ٽيم اڄ حسنين جي چهري جي ٻي سرجري به ڪئي آهي.هوڏانهن وڏي وزير مراد علي شاهه حسنين جي علاج لاءِ 10 رڪني ميڊيڪل بورڊ به جڙيو آهي، جنهن ۾ ناهر ڊاڪٽڙن کي شامل ڪيو ويو آهي.سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ميڊيڪل بورڊ حسنين جي علاج لاءِ جامع پلان جوڙيندو.مرتضيٰ وهاب چيو ته ضرورت پوڻ تي ٻارڙي کي علاج لاءِ پرڏيهه به اماڻيو ويندو ….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*