آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ايران جي دوري تي تهران پهچي ويو آهي

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ايران جي دوري تي تهران پهچي ويو  آهي، جتي هن ايراني فوج جي سربراهه سان ملاقات ڪري مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ايراني هٿياربند فوج جي سربراهه سان ملاقات ڪري علائقائي سيڪيورٽي، خطي جي امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيارڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

آءِ ايس پي آر موجب ٻنهي اڳواڻن پاڪ ايران سيڪيورٽي مڪينزم تي به غور ويچار ڪيو.

 آءِ ايس پي آر موجب ايران روانگي کان اڳ آرمي چيف سان ترڪ فوج جي ڪمانڊر سان به ملاقات ڪئي، ملاقات دوران علائقائي سلامتي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*