مصباح الحق چيو آهي ته آسٽريليا خلاف ٻن ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز ۾ فاسٽ بالرز اهم ڪردار ادا ڪندا

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مصباح الحق چيو آهي ته آسٽريليا خلاف ٻن ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز ۾ فاسٽ بالرز اهم ڪردار ادا ڪندا.
آسٽريليا جي شهر برسبين ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مصباح الحق چيوته نيسم شاهه ۽ شاهين شاهه آفريدي سيريز ۾ ٽِيم کي فتح ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.
هن چيوته ميزبان ملڪ جون وڪيٽون فاسٽ بالرز کي سپورٽ ڪنديون آهن ۽ هو گهڻُو پراميد آهي نسيم شاهه ۽ شاهين شاهه آفريدي ڀرپور صلاحيتن جا مالڪ آهن،جيڪي ٽيم کي ڪاميابي ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*