اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف علاج لاءِ لنڊن روانو ٿي ويو

اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف ڊگهي سياسي ۽ قانوني ويڙهه کانپوءِ علاج لاءِ نيٺ لنڊن روانو ٿي ويو، جديد طبي سهولتن تي ٻڌل قطر ايئر ايمبولينس ذريعي کيس لنڊن روانو ڪيو ويو، مسلم ليگ نون جي اڳواڻن کيس لاهور جي ايئرپورٽ تان الوداع ڪيو.

شهباز شريف ۽ ڊاڪٽر عدنان به نواز شريف سان گڏ آهن، وفاقي گهرو وزارت پاران نواز شريف کي هڪ ڀيرو پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏني وئي، سندس نالو اي سي ايل ۾ برقرار رهندو.

مسلم ليگ ن جَي ٻين اڳواڻن لاهور جـِي علامه اقبال ايئرپورٽ تي نواز شريف کي الوداع ڪيو.

لنڊن روانگي کان اڳ ڊاڪٽرز نواز شريف جو طبي معائنو ڪيو ۽ سي بي سي ٽيسٽ ڪئي.

مسلم ليگ نون جِي ترجمان مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته پليٽ ليٽس جي تعداد کي محفوظ سطح تي برقرار رکڻ لاءِ نواز شريف کي دوائن جو هاءِ ڊوز به ڏنو ويو.

مريم اورنگزيب چيو ته ايئرايمبولينس ۾ آپريشن ٿيٽر ۽ آءِ سي يو جي به سهولت موجود آهن..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*