سنڌ اسيمبلي اجلاس ۾ ڪتي جي لفظ استعمال ڪرڻ تي گوڙ

سنڌ اسيمبلي ۾ اڄ ٻئي ڏينهن به ڪتن واري معاملي  تي حڪومتي ۽ پي ٽي آءِ ميمبرز وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي، جنهن سبب ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو،  جنهن دوران حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن پاران هڪٻئي کان معافي وٺڻ جو مطالبو ڪيو.

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪرآغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران ڪتن واري معاملي  تي حڪومتي ۽ پي ٽي آءِ ميمبرز وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي، صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا چيو ته اسان ڪڏهن به پي ٽي آءِ ميمبرز کي ڪتو ناهي چيو، جيڪڏهن ڪنهن حڪومتي ميمبرز چيو آهي ته آئون معافي ٿو وٺان.

هن چيو ته  پي ٽي آءِ پاران به ڪتي جو لفظ  استعمال ٿيو، جنهن تي اپوزيشن ليڊر فردوس شميم نقوي کي به معافي وٺڻ گهرجي.

 فردوس شميم نقوي معافي وٺڻ کان انڪار ڪندي چيو ته جنهن صوبي ۾ هڪ لک 30 هزار ماڻهن کي ڪتن ڏاڙهيو هجي، 35 ماڻهو حياتيون وڃائي چڪا هجن اهڙي صوبي جي وڏي وزير کي عوام کان معافي وٺڻ گهرجي.

حڪومتي ۽ مخالف ميمبرن پاران هڪٻئي خلاف سخت جملن جي ڏي وٺ سبب ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو.

اجلاس دوران اسپيڪر چيو ته گذريل ڏينهن ايوان کي جلسي گاهه ۾ تبديل ڪيو ويو، ايوان جون وڊيو ٺاهي ٻاهر شيئر ڪيون ويون جيڪو عمل غلط آهي.

هن چيو ته جيڪڏهن اهڙو عمل جاري رهيو ته ايوان موبائل کڻي اچڻ تي پابندي لڳائي ڇڏيندس.

۽ ويڪسين به نه ملي، اهڙي صوبي جي وڏي وزير کي عوام کان معافي وٺڻ گهرجي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*