ڪراچي جي سرجاني ٽائون ۾ ڦر مزاحمت تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 3 ورهين جي ٻارڙي سدره مارجي وئي
ڪراچي ۾ سرجاني ٽائون جي ڪنيز فاطمه سوسائٽي ۾ ڦر مزاحمت تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 3 ورهين جي ٻارڙي سدره مارجي وئي ۽ سندس مامو زخمي ٿي پيو، آءِ جي سنڌ واقعي جو نوٽيس وٺندي پوليس کي جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
ڪنيز فاطمه سوسائٽي ۾ موٽر سائيڪل جي ڦر دوران مزاحمت تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 3 ورهين جي ٻارڙي سدره مارجي وئي ۽ سندس مامو عبدالحميد زخمي ٿي پيو.
مارجي نينگري جو لاش اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته زخمي ٿيل کي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي.
آءِ جي ڪليم امام واقعي بابت ايس ايس پي اولهه کان رپورٽ طلب ڪندي جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي