اسلام آباد: رهبر ڪميٽي جو اجلاس، سڄي ملڪ ۾ لڳل ڌرڻا ختم ڪرڻ جو اعلان

اپوزيشن  جي رهبر ڪميٽي سموري ملڪ مان حڪومت خلاف احتجاجي ڌرڻا ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

اسلام آباد ۾ رهبر ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اڪرم خان دراني  سموري ملڪ مان ڌرڻن جي خاتمي جو اعلان ڪيو.

هن چيو ته چئن نقطن کي حاصل ڪرڻ اسان جو مقصد آهي، عوام کي وڌيڪ مشڪلاتن ۾ وجهڻ نٿا گهرون.

اڪرم دراني چيو ته حڪومت بوکلاهٽ جو شڪار آهي، عمران خان کي هاڻ گهر روانو ٿيڻو پوندو.

   رهبر ڪميٽي جي ڪنوينر جو چوڻ هو ته  ڪارڪن رهبر ڪميٽي جي چوڻ تي سمورا رستا کولي ڇڏين،هاڻ هر ضلعي سطح تي جلسا ڪيا ويندا،.

اڪرم دراني جو وڌيڪ چوڻ هو ته رهبر ڪميٽي حڪومت تي دٻاءُ وڌائڻ جي پاليسي کي جاري رکندي، رهبر ڪميٽي  تجويز ڏني آهي ته فوري طور تي اي پي سي گهرائي وڃي،سڀاڻي، پرينهن  کان جلسن جو پلان سامهون آندو ويندو.

هن چيو ته پي ٽي آئي جي فارين فنڊنگ واري معاملي جي روزانو ٻڌڻي لاءِ  سڀاڻي اليڪشن ڪميشن جي آفيس اڳيان احتجاج ڪيو ويندو.

ان موقعي تي  ڳالهائيندي ميان افتخار حسين چيو ته وزير اعظم پنهنجو لهجو درست ڪري،بلاول بابت وزير اعظم جي استعمال ڪيل زبان جي مذمت ڪريون ٿا

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*