هلندڙ سال ڊسمبر مهيني ۾ پاڪستان گڏيل عرب امارتن ۾ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ميزباني ڪندو، شهريار خان

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين شهريارخان چيو  آهي ته هلندڙ سال ڊسمبر مهيني ۾ پاڪستان گڏيل عرب امارتن ۾ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ميزباني ڪندو.

ڀارتي شهر ڪلڪته ۾ پي سي بي چيئرمين شهريارخان انڊين ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين جگموهن ڊالميا سان ملاقات ڪئي.

ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن ۾ هلندڙ سال ڊسمبر مهيني ۾ رٿيل سيريز جي حوالي سان تفيصلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي پي سي بي چيئرمين شهريارخان چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ايم او يو صحيح ٿيل آهي، جنهن تحت ٻنهي ملڪن وچ ۾ 8 سالن دوران 5 سيريز کيڏيون وينديون.

هن چيو ته ان حوالي سان هلندڙ سال ڊسمبر مهيني ۾گڏيل عرب امارتن ۾ ڀارت سان ٽي-ٽيسٽ ميچز، پنج ون ڊي ۽ٻه ٽي-ٽوئنٽي ميچز تي ٻڌل سيريز کيڏي ويندي.

ان موقعي ته ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين جگموهن ڊالميا جو چوڻ هو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪرڪيٽ لاڳاپا بحال ٿيڻ بابت هو پرازم آهي.

هن چيو ته پاڪ-ڀارت ڪرڪيٽ جي حوالي سان سمورا معاملا هاڻي حڪومت جي هٿ ۾ آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*