اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف علاج لاءِ لنڊن پهچي ويو

اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف علاج لاءِ لنڊن پهچي ويو

اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف ڊگهي سياسي ۽ قانوني ويڙهه کانپوءِ علاج لاءِ نيٺ لنڊن پهچي ويو، جديد طبي سهولتن تي ٻڌل قطر ايئر ايمبولينس ذريعي کيس لنڊن پهتو، مسلم ليگ نون جي اڳواڻن کيس لاهور جي ايئرپورٽ تان الوداع ڪيو.

شهباز شريف ۽ ڊاڪٽر عدنان به نواز شريف سان گڏ آهن، وفاقي گهرو وزارت پاران نواز شريف کي هڪ ڀيرو پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏني وئي، سندس نالو اي سي ايل ۾ برقرار رهندو.

مسلم ليگ ن جَي ٻين اڳواڻن لاهور جـِي علامه اقبال ايئرپورٽ تي نواز شريف کي الوداع ڪيوهيو.

لنڊن روانگي کان اڳ ڊاڪٽرز نواز شريف جو طبي معائنو ڪيو ۽ سي بي سي ٽيسٽ ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*