ماڪڙ جا ڪٽڪ سلطان ڪوٽ لٿل، فصلن تي حملو

سلطان ڪوٽ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ماڪڙ تباهي مچائي ڇڏي آهي، آبادگارن جو چوڻ آهي ته فوري طور اسپري  شروع ڪرائي ماڪڙ تي ضابطو آندو وڃي

سلطان ڪوٽ جي جاڳڻ، ھمايون شريف، لوڊرا، دينپور، جهان واھ، سميت ٻين علائقن ۾ ماڪڙ فصلن تي حملو ڪري ڪيترن ئي ايڪڙن تي بيٺل فصل کائي ناس ڪري ڇڏيا

آبادگارن جو چوڻ آهي ته ماڪڙ ڪڻڪ ۽ ٻيو فصل ناس ڪري ڇڏيو آهي، پر انتظاميه تماشائي بڻيل آهي، فوري طور اسپري شروع ڪرايو وڃي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*