ق ليگ سربراهه چوڌري شجاعت حسين جو پيرپاڳارو سان فون تي رابطو

ق ليگ سربراهه چوڌري شجاعت حسين جو حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري سان فون تي رابطو ڪري ملڪ جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، چوڌري شجاعت حسين پير پاڳاري کي لاهور جي دوري جي دعوت ڏني، پير پاڳاري چيو ته هو دبئي وڃي رهيو آهي، واپسي تي لاهور ۽ اسلام آباد جو دورو ڪندو.
قاف ليگ جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين فنڪشنل ليگ جي سربراهه ۽ حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري سان فون تي رابطو ڪيو.
ٻنهي اڳواڻن فون تي ڳلاهه ٻولهه دوران ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
قاف ليگ سربراهه پير پاڳاري کي لاهور اچڻ جي دعوت ڏني جيڪا قبول ڪندي پير پاڳاري چيو ته هو دبئي وڃي رهيو آهي واپسي تي ضرور لاهور ۽ اسلام آباد جو دورو ڪندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*